خلجي گهراڻو

خلجي گهراڻو

خلجي گهراڻو

خلجي گهراڻو: جڏهن بلبن جي آخري حڪمران معزالدين ڪيقباد تخت سنڀاليو، تڏهن هو سورهن سترهن سالن جو نوجوان ڇوڪرو هو. تخت ملڻ کان پوءِ جڏهن وزيرن ۽ اميرن جي چوڻ تي حرمسراءِ ۾ شباب ڪباب جون محفلون شروع ڪرايائين ته هي انهن محفلن ۾ ئي مست ٿي ويو. تخت نشيني جي ڇهين مهيني معزالدين عياش ’لال محل‘ کي ڇڏي جمنا جي ڪناري تي ٺهرايل محل ۾ منتقل ٿي ويو. معزالدين ڪيقباد کي عياشي ۽ شراب خوريءَ ۾ مصروف ڏسي نظام الدين امير جي دل ۾ تخت جي لالچ پيدا ٿي. نظام الدين ڪيقباد کي ڊيڄاري بلبن جي صحيح حقدار ڪيخسرو کي بيڏوهه قتل ڪرائي ڇڏيو، جنهن کان پوءِ جلد نظام الدين به مري ويو، ان کان پوءِ بلبن جي حڪومت مفلوج ٿي وئي. ان نازڪ موقعي تي معز الدين ڪيقباد بادشاهه سامانه جي گورنر ۽ شاهي درٻار جي اهم رڪن جلال الدين فيروز خلجيءَ کي سلطنت جي ڪاروبار هلائڻ لاءِ طلب ڪيو. راڄڌاني پهچڻ تي جلال الدين خلجيءَ کي شائسته خان جو خطاب عطا ڪيو ويو، پر حاسد اميرن جي سازشب سبب حالتون بدترين ٿي ويون. انهيءَ وچ ۾ معز الدين ڪيقباد تي فالج جو حملو ٿيو، جنهن کان پوءِ حڪومت ٻن حصن ۾ ورهائجي وئي. هڪ طرف ترڪ امير هئا ته ٻئي طرف جلال الدين خلجي، حالتون خراب ٿيڻ کان پهرين منصفن معز الدين ڪيقباد جي ننڍي پٽ کي تخت تي ويهاري ڇڏيو، ان کان پوءِ ترڪ امير جلال الدين خلجيءَ خلاف سازشون ڪرڻ لڳا. اهو ڏسي جلال الدين خلجي دهلي ڇڏي ساٿين سميت اچي بهارپور پهتو، جتي هو هڪ مضبوط ۽ طاقتور لشڪر تيار ڪرڻ ۾ لڳي ويو. ترڪ اميرن ننڍڙي بادشاهه کي جلال الدين خلاف گهڻو ڀڙڪايو، جنهن کان پوءِ بادشاهه ان کي قتل ڪرڻ جو فرمان جاري ڪيو. ترڪ اميرن ۽ جلال الدين خلجيءَ جي وچ ۾ جنگ لڳي، جنهن ۾ ترڪ اميرن کي شڪست آئي. جلال الدين جي پٽن دهليءَ پهچي ننڍڙي بادشاهه کي يرغمال بڻايو. جلال الدين خلجي مضبوط ٿيندو ويو ۽ لشڪر به هن جي طرف ٿي ويو، جلال الدين پنهنجي هڪ غلام ترڪيش کي مفلوج ڪيقباد کي قتل ڪرڻ لاءِ موڪليو. ترڪيش ڪيقباد کي قتل ڪري سندس لاش جمنا نديءَ ۾ اُڇلائي ڇڏيو. اهو واقعو 19 محرم 689هه/ پهرين فيبروري 1290ع ۾ رونما ٿيو.
شاهي تاج جلال الدين خلجيءَ جي هٿ آيو، پر هن هڪدم قبضو ڪرڻ مناسب نه سمجهيو ۽ هن معز الدين ڪيقباد جي ننڍي پٽ شمس الدين کي تخت تي ويهاريائين. اڳتي هلي جلال الدين خلجي جڏهن هڪ مضبوط لشڪر ٺاهڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو، تڏهن هن شمس الدين جو تخت اونڌو ڪري انقلاب برپا ڪيو. شمس الدين کي جيل ۾ وڌائين، جتي هو ڪجهه ئي ڏينهن اندر مري ويو. اهڙيءَ طرح بلبن جي حاڪميت جو خاتمو ٿيو ۽ خلجي گهراڻي جي بادشاهيءَ جو دور شروع ٿيو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1290.02.20  عيسوي

جلال الدين پنهنجي هڪ غلام ترڪيش کي مفلوج ڪيقباد کي قتل ڪرڻ لاءِ موڪليو. ترڪيش ڪيقباد کي قتل ڪري سندس لاش جمنا نديءَ ۾ اُڇلائي ڇڏيو. اهو واقعو 19 محرم 689هه/ پهرين فيبروري 1290ع ۾ رونما ٿيو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ع ق شيخ
پير پٺو
چوڌري شجاعت حسين
سيدي علي رئيس
خداداد خان (ثاني)
هوتچند آڏواڻي
حافظ عبدالرحيم
دوست محمد مرزادوست
روگزانه
ڀڳونتي پي چانڊواڻي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون